شيڪسپيئر جون آکاڻيون

شيڪسپيئر جون آکاڻيون

شيڪسپيئر جون آکاڻيون

شيڪسپيئر جون آکاڻيون (Tales from Shakespeare: ڪتاب): هي ڪتاب انگريزي ادب جي نامور شاعر، شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ موجود ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي، جنهن کي سنڌي ويس، سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري اديب ۽ محقق سراج الحق ميمڻ ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ شيڪسپيئر جي پنجن ڪهاڻين جو ترجمو ڏنل آهي، جن ۾:
(1) اونهاري جي رات جو هڪ خواب (Mid Summer Night’s dream)
(2) طوفان (The Tempest)
(3) ڳالهه ٿوري گوڙ گهڻو (Much Ado About Nothing)
(4) جيئن اوهان کي وڻي (As you like it)
(5) سياري جي هڪ ڪهاڻي (The Winter’s Tale) نالي ڪهاڻيون شامل آهن.
هيءُ ڪتاب اصل ۾ چارلس ليمپ ۽ سندس ڀيڻ ميري لئمب جي ٻارن لاءِ لکيل هڪ ڪتاب مان چونڊ آکاڻين جو ترجمو آهي، جنهن ۾ 20 آکاڻيون شامل هيون. هي ڪتاب سٺ واري ڏهاڪي ۾ مئٽرڪ جي شاگردن جي انگريزي نصاب ۾ رکيل هو. هن ڪتاب جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ معنيٰ، سوالن جا جواب ۽ The Winters Tale جو خلاصو پڻ شامل ڪيو ويو آهي. ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1960ع ۾ آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو هو، جنهن ۾ ڪل 184 صفحا آهن ۽ هن جي قيمت 12 روپيا آهي. هن کان اڳ انهيءَ ساڳئي ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي ڪتاب گهر طرفان ڇپايو ويو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو